ٿرڙي ڪيٽي

ٿرڙي ڪيٽي: هي ماڳ جاتي شهر کان اٽڪل 24 ڪلوميٽر اولهه ڏکڻ تي آهي. مقامي طور قديم ماڳ کي ٿرڙي ڪيٽي يا ڪيٽيءَ جي ٿرڙي سڏين ٿا. انھيءَ ھنڌ تي ھڪ ھنڌ 9 دڙا وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آھن. مسجد ۽ قبرستان جا آثار ملن ٿا. ھن قبرستان ۾ انساني ڍانچا پکڙيل آھن. لڳي ٿو ته قديم قبرستان آھي. وٿن مان پڪين سرن جي ديوارن جا نشان، پڪين سرن جا ٽوٽا ۽ ٺڪراٺو اسلامي اوائلي دور سان مشابهه لڀي ٿو. دڙي جي کوٽائي ٿئي ته گھڻو ڪجهه لڀڻ جو امڪان آھي .


لفظ ٿرڙي ڪيٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو